پرمانند ميوارام

پرمانند ميوارام

پرمانند ميوارام

پرمانند ميوارام: پرمانند ميوارام 1866ع ۾ حيدرآباد جي هڪ هندو عامل ڪُٽنب آڏواڻيءَ ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو ديوان مورج مل پهريون عامل هو، جنهن دين اسلام قبوليو. هُن جي پيءُ ميوارام به بعد ۾ اسلام تي ايمان آندو. پرمانند 27 آڪٽوبر 1891ع تي عيسائي ٿيو، سندس نالو فيلڪس رکيو ويو. عيسائيت اختيار ڪرڻ کان پوءِ ”هڪ حيدرآباديءَ“ جي عرفي نالي سان ”قرآن جو بنياد“ عنوان سان هڪ ڪتاب لکيائين، جنهنڪري مسلمانن ۾ سخت گوڙ ٿيو، ان جي جواب ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، ”فتح الباري“ عنوان سان هڪ ڪتاب لکي، کيس معقول جواب ڏنو.
پرمانند ميوارام، سليس سنڌي لکندو هو، نثر نويسيءَ ۾ سندس منفرد حيثيت هئي. اعليٰ پايي جو مضمون نگار هو. سندس مضمون، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا. 1890ع ۾ هڪ اخبارجوتجاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن اخبار ۾ ڇپيل مختلف موضوعن تي لکيل سندس مضمون ”گل ڦل“نالي سان ڪتابي صورت ۾ ٻن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهن. ان کان سواءِ هن سنڌي- انگريزي (1910ع) ۽ انگريزي- سنڌي (1933ع) لغتون تيار ڪري ڇپرايون، جن جا اڄ تائين سنڌ ۽ هند ۾ نوان ڇاپا ڇپجندا رهن ٿا. انهن لغتن جي تاليف ۽ ترتيب مان سندس زبانداني ۽ علمي ۽ تحقيقي قابليت جو ثبوت ملي ٿو. پرمانند ميوارام حيدرآباد، سنڌ ۾ 19 نومبر 1938ع تي لاڏاڻو ڪيو. کيس گورا قبرستان (لڳ آغا خان اسپتال) حيدرآباد ويجهو دفن ڪيو ويو.


لفظ پرمانند ميوارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو